اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قطري گاڏين جي برآمدگي بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رياست اندر رياست نه هلندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي سينيٽر سيف الرحمان جي ڪمپني کان قطري گاڏيون پڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڪسٽم اينٽليجنس ڊائريڪٽر عبدالحميد مروت عدالت اڳيان پيش ٿيو. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پڇو ته ان ڪيس ۾ اصل ڏوهاري ڪير آهي؟ جنهن تي ڊائريڪٽر ڪسٽم اينٽيلجنس جواب ڏنو ته شيخ حمد بن جاسم آهي پر کيس سفارتي ڇوٽ حاصل آهي. 30 نومبر تي پرڏيهي آفيس طرفان ڪسٽم اختيارين کي موڪليل جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ پرڏيهي آفيس گاڏين جي ري ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ قطري سفارتخاني کي ٻن مهينن جو وقت ڏيڻ جي سفارش ڪئي. پرڏيهي آفيس چيو ته اهو ٻن طرفن لاڳاپن وارو معاملو آهي تنهنڪري قطري سفارتخاني کي ان معاملي ۾ وقت ڏنو وڃي. جسٽس اطهر من الله ڪسٽم ڊائريڪٽر کي خبردار ڪندي چيو ته اوهان ملڪ جي پرڏيهي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، اوهان قطري سفارتخاني خلاف ڪارروائي ڪري سگهو ٿا، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو معاملو آهي، اوهان خيال نه رکيو، رياست جي اندر رياست نه هلندي، جنهن ڪليڪٽر ڪسٽم اهي گاڏيون پاڪستان آڻڻ جي اجازت ڏني ان کي گرفتار ڪريو ها. ڪسٽم اينٽليجنس ٻڌايو ته حمد بن جاسم نالي 280 گاڏيون پاڪستان ۾ آيون جن مان 26 پڪڙيون ويون باقي گاڏين جو پتو ناهي، ان حوالي سان چئني صوبن جي پوليس ۽ ڪسٽم ڪليڪٽر کي لکيو ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله حڪم ڏنو ته پرڏيهي وزارت جي تجويز جي روشني ۾ ايف بي آر کان راءِ ورتي. عدالت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.