گلگت(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نئين پاڪستان جي نالي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو رستو روڪينداسين ۽ کين پاڪستان کي سندن تجربي گاهه بڻجڻ نه ڏينداسين. گلگلت جي پولو گرائونڊ ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين پاڪستان وارن پراڻي پاڪستان جي بنياد لوڏي ڇڏيا آهن، چونڊن کان اڳ عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا ويا، جيڪي ماڻهن کي ياد آهن پر هو پاڻ ويساري ويٺا آهن. بلاول ڀٽو حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته کين ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ مان فرصت ملي ته معيشت ڏانهن ڌيان ڏين، اڃا 100 ڏينهن به پورا ناهن ٿيا 100 کان وڌيڪ ته يوٽرن وٺي چڪا آهن، جيڪي قرض وٺڻ تي آپگهات ترجيح ڏين پيا اهي قرض ملڻ تي مٺايو ورهائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڏهن رپين جي ماني، 15 رپين جو نان اهو آهي نئون پاڪستان، واهه ڙي واهه عمران خان، اڄ ملڪ سنگين بحراني صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ قيادت جو بحران آهي، وڙهڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندا. بلاول ڀٽوزرداري جو چوڻ هوته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ضد ۽ انا کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ مشاورت، برداشت، اظهار جي آزادي ۽ پارليامنٽ جو ادب نه هلندو، هتي اهو ئي ٿيندو جيڪو خان صاحب فرمائيندو ۽ اهو ئي هلندو رهندو جيڪو ڪينٽينرن تي ٿيندو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي جدوجهد عوام جي حڪمراني تي ٻڌل آهي، منهنجو گلگت سان ٽن نسلن جو رشتو جڙيل آهي، شهيد ڀٽو ۽ بي بي جيڪو رشتو نڀايو اهو نڀائڻ جو واعدو ڪريان ٿو، پاڪستان جي مضبوطي جدوجهد جاري رکندس. بلاول ڀٽو چيو ته گلگت ۾ شهيد بي بي سول سيڪريٽريٽ قائم ڪيو، عدالتي نظام ۾ بهتري آندي، پر گذريل حڪومت گلگلت بلتستان جي خودمختياري تي حملا جاري رکيا. پ پ چيئرمين چيو ته اڄڪلهه تبديلي جا واعدا ڪيا پيا وڃن، تبديلي جي شروعات گلگت بلستان فنڊ ۾ 4 ارب جي ڪمي سان ڪئي وئي ۽ 18 رٿائن کي ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽي زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ هو ته گلگلت بلتستان جي ماڻهن جو جوش جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي اڪيلي وفاقي پارٽي آهي. ترجمان چيو ته رڳو پيپلز پارٽي ئي وفاق کي گڏ رکڻ ۽ سڀني کي حق ڏيڻ جي صلاحت رکي ٿي، اسان جي جماعت گلگت بلتستان جي عوام کي حق ڏنا جيڪي گذريل حڪومتي دور ۾ کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته يوٽرن وٺڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته وفاق جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ وفاق کي ڪيئن متحد رکي سگهجي ٿو، بلاول ڀٽو جي ترجمان چيو ته گلگت بلتستان حقن ۽ حڪمراني تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو.