اسلام آباد(مانيٽرنگ نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس ۽ فليگ شپ ريفرنس جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي مطابق نيب ن ليگي اڳواڻ نواز شريف خلاف فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت پاران ڏنل فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ هاڻي نيب العزيزيا ريفرنس جي فيصلي کي به چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ٻنهي ريفرنسز خلاف اپيلون داخل ڪري ڇڏيون آهن. نيب ترجمان مطابق فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي بريت واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته العزيزيا ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا وڌائڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي وئي آهي، ٻنهي ريفرنسز تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. نيب ترجمان مطابق العزيزيا ريفرنس بابت داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف خلاف ڏوهه ثابت ٿي چڪو آهي، انڪري کيس ڏني ويندڙ 7 سال قيد واري سزا گهٽ آهي، اها وڌائي وڃي ڇاڪاڻ ته نيب آرڊيننس ۾ قلم 9 اي 5 ۾ سزا 14 سال قيد آهي، جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف خلاف ڪرپشن جا ٺوس ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، ان ڪري کيس بري ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.