ڪراچي (سنڌ نيوز آن لائن) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي افسوس ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهي فوتگيون ڪورونا ايمرجنسي دوران سڀ کان وڌيڪ آهن. ڪورونا وائرس جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته اڄ ڪورونا جا 358 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ 53 ڄڻا صحتياب به ٿيا پر صحتياب ٿيندڙن جي ڀيٽ ۾ 358 نوان ڪيس اچڻ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي.
هن چيو ته اسان گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2578 ٽيسٽون ڪيون، هيل تائين 54377 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته مجموعي ڪيسن جو انگ 6053 تائين پهچي چڪو آهي. وڏي وزير موجب هيل تائين ڪُل 1222 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جيڪو مجموعي انگ جو 20.2 سيڪڙو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 112 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب فوتين ۾ 73 سيڪڙو مرد آهن.