ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ جاري عالمي وبا جي ڪري آمريڪا ۾ فوتين جو انگ 80 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته روس ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ساڍا 11 هزار ڪيس سامهون آيا آهن.
برطانوي وزير اعظم بورس جانسن لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو گهر مان ڪم نٿا ڪري سگهن اُهي پنهنجي ڪمن تي وڃي سگهن ٿا.
برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هن وقت تائين 31 هزار 855 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 2 لک 19 هزار ماڻهو متاثر به ٿيا آهن.
هوڏانهن روس ۾ نوان ڪيسن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿيندي پئي وڃي ۽ مريضن جو انگ 2 لک 21 هزار 334 تائين پهچي چڪو آهي ۽ فوتگيون به 2 هزار کان مٿي وڃي چڪيون آهن.
آمريڪا ۾ ڪورنوا وائرس جي ڪري هن وقت تائين 80 هزار 787 ڄڻا فوت جڏهن ته 13 لک 68 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.
سعودي عرب جي حڪومت ڪورونا وائرس جي ڪري ٿيل معاشي نقصانن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ويليو ايڊڊ ٽيڪس ۾ 3 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته شهرين کي ملندر ماهوار وظيفو به روڪيو ويو آهي.
سعودي عرب ۾ هن وقت تائين 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 246 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. اٽلي ۾ ساڍا 30 هزار جڏهن ته اسپين ۾ 26 هزار 621 ۽ فرانس ۾ 26 هزار 380 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.