ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه جي ڀيڻ ڊاڪٽر نصرت شاهه جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي.
نفيسا شاهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويٽر تي لکيو آهي ته سندس ڀيڻ پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي ڪراچي جي ڊائو اسپتال مان ڪرايل ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي.
هن چيو ته وائرس جي تصديق بعد ڊاڪٽر نصرت پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو آهي. نفيسا شاهه پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ عوام کي دعا جي اپيل ڪئي.