لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لڳايل لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو شروعاتي اعلان ڪري ڇڏيو.
بورس جانسن چيو آهي ته جيڪي ماڻهو گهرن ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن، اهي پنهنجي ڪم وارن هنڌن تي وڃي سگهن ٿا.
برطانيا ۾ اربع کان ماڻهو گهرن مان نڪري سگهندا پر کين سماجي وٿيءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو. واضح رهي ته برطانوي حڪومت پهرين جون کان اسڪول ۽ دڪان کولڻ تي به غور ڪري رهي آهي پر ان کان اڳ صورتحال جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.