سکر (بيورو رپورٽ) ميهڙ ۾ ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ٿيڻ خلاف اُمِ رباب سکر ۾ ڏينهن جو لالٽين ٻاري احتجاج ڪيو آهي.
ام رباب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود روپوش جوابدارن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد آءِ جي سنڌ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڊيشنل آءِ جي سکر ۽ حيدرآباد تي مشتمل جي آءِ ٽي جوڙي وئي.
هن چيو ته جي آءِ ٽي بعد قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارپ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جوابدارن جي گرفتاري کان روڪڻ لاءِ وڏي وزير وٽ وڃي ويهي رهيا.
ام رباب الزام هنيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس کي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو آهي. هن چيو ته پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت انصاف ڏيارڻ بدران انصاف ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. ام رباب چانڊيو گهرڀاتين جي بيگناهه قتل بابت انصاف لاءِ 17 جنوري 2018 کان در بدر ٿي رهي آهيان، انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته سندس والد مختيار، ڏاڏو ڪرم الله ۽ چاچو قابل جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ان باوجود گرفتار ناهي ڪيو ويو.