اسلام آباد(سنڌ نيوز آن لائن) قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته 18هين ترميم 2010ع ۾ پاس ٿي ۽ صوبائي خودمختياري جو معالو حل ٿي ويو حل ٿيل مسئلن کي نه ڇيڙيو وڃي.
ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جتي اميگريشن ٿيندي آهي، اُتي وفاقي ملازم هوندو آهي ۽ جتي اِها 78 سيڪڙو ٻوڏ آئي، اُتي وفاقي ملازم بيٺل هئا، حڪومت طرفان گومگو جي ڪيفيت اختيار ڪئي، ايئرپورٽس تي صحت ۽ ٻيو عملو وفاق جا ملازم هوندا آهن ان ڪري شاهه محمود قريشي پنهنجو ريڪارڊ درست ڪري.
هن چيو ته اسان وٽ اڃان به ڪورونا وائرس جو عروج اچڻو آهي، ٻن اڍائي مهينن جي غفلت جي ڪري اڄ ان صورتحال ۾ آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائنو جاري رکون ٿا ته صورتحال ان تي پهچي ٿي، اسان ٻين ملڪن سان ڀيٽ نٿا رکون ڇو ته انهن ملڪن ۾ ڪورونا وائرس هاڻ زوال پذير آهي.
شاهه محمود قريشي جي بيادن تي تنقيد ڪندي خواجا آصف چيو ته پرڏيهي وزير کي اِهو نه چوڻ گهرجي ته سنڌ ڪارڊ کيڏيو پيو وڃي، هن خطاب ۾ 8 کان 10 ڀيرا ارڙهين ترميم جي ڳالهه ڪئي، 18هين ترميم 2010 ۾ پاس ٿي ۽ اِهو صوبائي خودمختياري جو معاملو حل ٿي ويو ان ڪري حل ٿيل مسئلن کي نه ڇيڙيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته اتفاق راءِ سان طئي ٿيل مسئلن کي ان طرح جي نيتن سان نٿو کولي سگهجي، 18هين ترميم آئين جو حصو آهي، گڏيل مفادن واري ڪونسل جي ميٽنگ به ناهي گهرائي ويندي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير کي پيپلز پارٽي تي صوبائيت جي باري ۾ تنقيد نه ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي پر هتي ڪا به پاليسي ناهي، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل کي عدالت جي فيصلي جي باوجود بند ڪيو ويو آهي، وزير اعظم رڳو هڪ ميٽنگ ۾ آيو هو اُها به اڌوري ڇڏي هليو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته ٽيسٽنگ صلاحيت 50 هزار روزاني ٿيندي پر اڄ ٻڌائي رهيا آهن ته ٽيسٽنگ جي صلاحيت 20 هزار روزاني آهي، 30 هزار ڪيس ۽ 6 سئو کان وڌيڪ فوتگين تي لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، ان ڪنفيوزن جي ڪير وضاحت ڪري.
ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون آهي يا نه، اسمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪا به گنجائش ناهي، حقيقت اِها آهي ته بحران جي لاءِ اسان وٽ ڪو به منصوبو ناهي، ڀارت مان اربين رپين جون دوائون گهرائڻ تي مسئلو آهي، اِها ڊگهي جنگ آهي اسان هٿ پير شروع کان سُڄي چڪا آهن، اسان معيشت ڏيڍ سال ۾ تباهه ٿي چڪي هئي، مٿان ڪورونا جي بيماري لڳ وئي ۽ هاڻ ان بحران دوران ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ٻيا بحران پيدا ڪيا پيا وڃن.
ڊاڪٽرز جي حوالي سان خواجا آصف چيو آهي ته ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي سلام پيش ڪيون ٿا، ڇا اسان پهرين صف واري جٿي کي هٿيار فراهم ڪيا؟ اڄ به هنن وٽ حفاظتي ڪٽون موجود ناهن.
قومي احتساب بيورو تي تنقيد ڪندي ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جون گرفتاريون جاري آهن، نيب، ايف آءِ اي اڄ به لڳا پيا آهن، حڪومت ۾ سمورا حاجي ۽ نمازي ويٺا آهن، انهن جو ڪيس نڪري اچي ته انڪوائري ڪميشن جي واڌ ٿي ويندي آهي، اسان کي ته خواب ۾ به ڪجهه ڪندي ڏسن ٿا ته پيشيون شروع ٿيون ٿي وڃن. هن چيو ته وزير اعظم ڪهڙي قومي اتحاد جي ڳالهه ڪندو آهي؟ وزيراعظم ڪهڙي شئي جو بدلو ۽ انتقام وٺڻ چاهي ٿو؟ صحت وارو وزير چونڊڻ لاءِ هن کي ڪو به چونڊيل ماڻهو نظر نه آيو، ماڻهو امپورٽ ڪيا ويندا آهن، بابر اعواڻ پارلياماني معاملن جو وزير آهي ۽ هو پارليامينٽ جو ميمبر ئي ناهي.