اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) حڪومت ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ پاڪستانين کي بنا دير هوٽل يا قرنطينه سينٽر منتقل ڪري سندن ٽيسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار معيد يوسف چيو ته صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ نئين پاليسي سامهون آندي پئي وڃي، هاڻ مسافر ايندا ته انهن کي بنا دير قرنطينه يا هوٽل ۾ ٽيسٽ ڪيو ويندو، صوبن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مسافرن جي 24 ڪلاڪن ۾ جلد کان جلد ٽيسٽ ٿئي ۽ نتيجا اچي.
هن چيو ته نئين پاليسي تحت سمورا مسافر مڪمل تحفظ سان پنهنجي گهرن ۾ پهچندا، ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تي انهن کي گهر موڪليو ويندو ۽ ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي صورت ۾ به جيڪڏهن علامتون گهٽ هجن ته کين گهرن ۾ قرنطينه جي اجازت هوندي.
سندس چوڻ هو ته هڪ لک 10 هزار جي ويجهو پاڪستاني وطن واپس اچڻ جا خواهشمند آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته عيد کان اڳ وڌ کان وڌ پاڪستانين کي واپس آندو وڃي، ڪوشش آهي ته هر هفتي 10 يا 11 هزار پاڪستاني ڏيهه موٽن، هن هفتي برطانيا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا مان به اڏامون آهن.
معيد يوسف موجب نار ملڪن مان ايندڙن جي اتي به ٽيسٽ ٿيندي، جهازن ۾ مسافرن وچ ۾ وٿي تي عمل ڪيو ويندو، تنهن ڪري مسافر احتياط ڪن، ڪورونا ٽيسٽ ۽ قرنطينه ۾ سهڪار ڪن، جيڪڏهن مريضن جو انگ وڌيو ته پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.