خانپورمهر (سنڌ نيوز آن لائن) خانپورمهر ۾ سنڌ حڪومت جي اعلان تحت ڪاروبار کوليندڙن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي، اهلڪارن کليل ڪاروبار ٻيهر بند ڪرائي ڇڏيو، وچ شهر ۾ نوجوان جي تذليل، شهرين جي احتجاج بعد ڪاروبار کلي ويو.
سنڌ حڪومت طرفان سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ واري اعلان تحت خانپورمهر شهر ۾ دڪاندارن پنهنجا ڪاروبار کوليا ته خانپورمهر ٿاڻي جي پوليس سموري شهر ۾ ڪاهي پئي ۽ ايس او پيز تحت کليل ڪاروبار کي ڏاڍ جي زور تي ٻيهر بند ڪرائي ڇڏيو. خانپورمهر جي شاهي بازار ۾ پوليس اهلڪارن هڪ نوجوان سريش ڪمار کي تذليل جو نشانو بڻائيندي کيس گهيليندي ٿاڻي تي وٺي ويا ته دڪاندارن پوليس جي اهڙي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن تي ضلعي انتظاميا جي نوٽيس بعد خانپورمهر شهر ۾ ڪاروبار کلي ويو، پر خانپورمهر شهر ۾ دڪاندارن توڙي عام شهرين پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو، ماڻهو بغير ماسڪ جي خريداري توڙي دڪاندار دڪانداري ڪندا رهيا.