ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪمشنر دڪاندارن کي سختي سان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ڪراچي جي ڪمشنر چيو آهي ته دڪان کولڻ جي اجازت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان مشروط آهي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ دڪاندارن جي ذميواري آهي.
هن هدايت ڪئي ته ڪنهن به خريدار کي ماسڪ کان سواءِ دڪان ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، پنهنجي دڪان تي ڪم ڪندڙن جي لسٽ ۽ ايس او پيز چپڪايو، ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائزر جو استعمال ڪيو، دڪان ۾ ڊس انفيڪٽ اسپري رکو.
ڪراچي جي ڪمشنر وڌيڪ هدايت ڪئي ته دڪان ۾ ڪم ڪندڙ جي وچ ۾ فاصلو 6 فٽ جو رکو، هر 3 کان 4 ڪلاڪن کان پوءِ خريدار جي اچڻ جي صورت ۾ خريدارن جي لاءِ فاصلي جا دائرا بڻايو، ٽمپريچر گن جو استعمال ڪيو.
هن ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ دڪان يا مارڪيٽ سيل ٿي سگهي ٿي.