ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي ڪورونا ايمرجنسي لاءِ ڀرتي ڪيل 430 نرسن کي برطرف ڪري ڇڏيو.
ڊي ايڇ اوز پاران تازو ڀرتي ٿيل نرسن تي قاعدن ۽ قانون جي خلاف ورزي جو الزام هڻي رپورٽ صحت واري سيڪريٽري کي اماڻي وئي هئي.
صحت کاتي جي سيڪريٽري الڳ الڳ نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي 430 نرسنگ اسٽاف کي برطرف ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي اولهه ضلعي جي 152، ملير جو 56 ۽ سينٽرل ضلعي جي 79 ۽ ڏکڻ ضلعي مان 130نرسن کي برطرف ڪيو ويو. برطرف ٿيل نرسنگ اسٽاف ۾ ڄامشوري جون 20 ۽ لاڙڪاڻي جون 16 نرسنگ اسٽاف به شامل آهي. صحت کاتي جي اوڀر ضلعي مان 130 نرسنگ اسٽاف کي ٽي ڏينهن اڳ برطرف ڪيو ويو هو. ڪورونا ايمرجنسي لاءِ ڀرتي ڪيل نرسنگ اسٽاف مان 560 نرسنگ اسٽاف کي قاعدن جي لتاڙ جي ڏوهه ۾ صحت کاتي جو سيڪريٽري برطرف ڪري چڪو آهي.