ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهروکاتي پاران لاڪ ڊائون دوران ڪاروبار کولڻ جو وقت تبديل ڪري ڇڏيو.
گهروکاتي واپارين کي صبح 6 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
گهروکاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شام 5 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين عوام جي چر پر تي مڪمل پابندي هوندي. گهروکاتي موجب وڏي وزير پنهنجي ڪيل اعلان تي عمل ڪري دڪاندارن کي وڌيڪ ٻن ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي.