ڪراچي (سنڌ نيوز آن لائن) سنڌ حڪومت ڪورونا رليف ايمرجنسي آرڊيننس جي حوالي سان گورنر عمران اسماعيل جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل صوبائي حڪومت طرفان منظور ڪيل ڪورونا رليف آرڊيننس تي اعتراض واريندي چيو هو ته گئس ۽ بجلي جو معاملو وفاق جي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو.
هاڻ اطلاع آهن ته صوبائي حڪومت طرفان بجلي، گئس بلن ۾ رعايت جي حوالي سان اعتراض ختم ڪري آرڊيننس منظوري لاءِ گورنر کي موڪليو ويو آهي.
سنڌ حڪومت آرڊيننس مان بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ رعايت جي شق ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي صوبائي قانون کاتي ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به منظوري ڏني.
رليف آرڊيننس تحت دڪانن، گهرن، آفيسن جي مسواڙ جي ادائيگي پوئتي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آرڊيننس تحت عوام کي پاڻي جي بلن جي ادائيگي ۾ رعايت ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا رليف آرڊيننس ذريعي صوبي ۾ ڪاروباري طبقي کي مختلف ٽيڪسن جي ادائيگي به پوئتي ڪئي وئي آهي.