ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿيندڙ جو انگ 200 ٿي ويو آهي جڏهن ته 537 نون ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي.
وزيراعليٰ هائوس کان جاري هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته COVID-19 جا 3730 ٽيسٽ ڪرايا ويا جنهن مان 14.4 سيڪڙو يعني 537 نتيجا مثبت آيا. ڪورونا وائرس مثبت ڪيسن جو انگ 12017 ٿي ويو آهي جيڪي هل تائين ڪيل 95053 ٽيسٽن جو 12.6 سيڪڙو ٺهندو آهي.
مراد علي شاهه ٻڌايو ته فوت ٿيندڙن جو انگ 200 ٿي ويو آهي جيڪو ٽوٽل مريضن جو 1.6 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت 9668 مريض علاج هيٺ آهن. هن چيو ته اسان انهن مان 8178 يعني 84 سيڪڙو مريضن کي گهرن ۾ آئسوليشن ۾ رکيو آهي جتي اسان جا ڊاڪٽر انهن کي مشورو ڏيندا آهن ۽ کين خيال رکندا آهن.
هن ويڌڪ چيو ته 911 مريض قرنطينه مرڪزن ۽ 597 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو ته 96 مريضن يعني 16.6 سيڪڙو ڳڻتي جوڳا آهن جڏهن ته 25 سيڪڙو مريضن کي وينٽيليٽرز لڳايو ويو آهي. هن چيو ته وڌيڪ 68 مريض صحتياب ٿيا آهن ۽ انهن کي اسپتالن مان ڊسچارج پڻ ڪيو ويو آهي. هينئر تائين صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 2149 تائين پهچي چڪو آهي جيڪو تشخيص ٿيل مجموعي ڪيسن جو 18 سيڪڙو آهي.
ڪراچي:
ڪراچي جو ڊيٽا شيئر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ٽوٽل 537 نون ڪيسن مان 432 جو تعلق ڪراچي سان آهي جنهن مان 142 ملير، 62 مرڪز، 61 اوڀر، 58 ڪورنگي، 58 ڏکڻ ۽ اولهه ۾ 51 شامل آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهيو آهي تنهن ڪري هن گلشن اقبال ۾ هڪ COVID-19 اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ هن هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن. هن چيو ته هيءَ 400 بسترن جو اسپتال هوندو جنهن ۾ 100 وينٽيليٽرز تائين جي سهولت هوندي. پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻيندڙ پروازن بابت ڳالهائيندي چيو ته هيل تائين 2951 مسافر پهچي چڪا آهن جنهن مان 545 جا نتيجا مثبت آيا آهن. هن چيو ته مثبت ڪيسن وارا مريض علاج هيٺ آهن ۽ انهن جي مناسب سارسنڀال هلندڙ آهي.
ٻيا ضلعا:
مراد علي شاهه ٻڌايو ته سکر ۾ 22، شڪارپور 19، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 11، ٽنڊوالهيار ۾ 8، لاڙڪاڻي ۾ 7، حيدرآباد، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ 4-4، جيڪب آباد ۾ 3، بدين، ڄامشورو ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته بازارن کي هڪ معياري آپريشنل طريقيڪار (ايس او پي) تحت کوليو ويو آهي پر افسوس ته ڪيترن ئي دڪانن ۽ بازارن ۾ ميڙ ڏٺو ويو ۽ ماڻهو ايس او پي جي ڀڃڪڙي ڪندي اتي پهتا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ماڻهو صورتحال کي سمجهندا ۽ ايس او پي تي عمل ڪندا.