سيٺارجا (سنڌ نيوز آن لائن) سيٺارجا لڳ بجلي جي تارن مان باھ مارواڙي برادري جي ٻن غريب پورھيتن جا گھر سڙي رک , متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل، سرڪار کان مدد جي اپيل.
سيٺارجا لڳ ڳوٺ گاھي خان چاڪراڻي ويجھو مارواڙي برادري جي ٻن غريب پورھيتن سجنو مل ۽ ڊولو مل جي گھرن کي گھر جي بجلي جي تار مان اوچتو باھ لڳي وئي جنھن جي نتيجي ۾ گھرن سميت انھن ۾ پيل سامان اناج , نقد رقم , زيور ۽ ٻيو الھ تلھ سڙي خاڪ بڻجي ويو ۽ گھر ڀاتي رڳو جانيون بچائي سگھيا. واقعي بعد متاثر غريب پورھيت کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن جن سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي خيرپور کان گھر ڪئي آھي ته سندن فوري طور تي مدد ڪئي وڃي.