شهدادڪوٽ (سنڌ نيوز آن لائن) شهدادڪوٽ ۾ اڍائي مھينا اڳ 10 ورهين جي نينگري نظيران مگسي کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدار علي حيدر مگسي کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ورتو جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بادشاهه ڪالوني ۾ اڍائي مھينا اڳ 10 ورهين جي نينگري نظيران مگسي کي جوابدار علي حيدر مگسي مٿي ۾ سروٽا ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري خالي جڳھ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو ھو جوابدار کي گهر ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ جي ڳالهه ڪاوڙ جي نينگري کي قتل ڪيو ھو.