اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) چيف اليڪشن ڪمشنر 2018 جي عام چونڊن ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم جي ناڪاميءَ جي انڪوائري جو فيصلو ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري، آفيسرن، ميمبرن ۽ نادرا چيئرمين شرڪت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب نادرا چيئرمين 2018 جي عام چونڊن دوران نتيجن جي پهچ جي نظام آر ٽي ايس تي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ قانوني ۽ ٽيڪنيڪي نڪتا به شامل هئا.
اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس جي ناڪامي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر آر ٽي ايس جي ناڪامي تي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته انڪوائري ڪئي وڃي ته آر ٽي ايس ۽ ڪيئن ناڪام ٿيو.