ڪراچي (سنڌ نيوز آن لائن) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حڪومت ۽ تاجرن جي وچ ۾ڪاروباري وقت ۾ نرمي جي حوالي سان سمجهوتو سٺو سنوڻ آهي تاجر صبح 6 کان شام 5 تائين ڪاروبار جي دوران ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن.
ناصر حسين شاهه موجب سنڌ حڪومت عوام جي وسيع مفاد ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايت مطابق وفاقي حڪومت سان مشوري کانپوءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ اضافي يا گهٽتائي جو فيصلو عوام ۽ تاجرن جي لاڪ ڊائون جي پاپندي بابت طئي ڪيل شرطن تي عمل ڪرڻ تي منصعر آهي.
صوبائي وزير چيو ته خريداري لاءِ بازار وڃڻ وارا ماڻهو حڪومت پاران ڏنل هدايتن تي مڪمل عمل ڪن ۽ ايس او پيز تحت حفاظتي اپائن کي يقيني بڻايئن ڇو ته ڪرونا خلاف احتياط ئي سڀني کان موثر هٿيار آهي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي تاجرن ۽ خريدارن پاران آهي جيترو وڌيڪ ايس او پيز تي عمل ٿيندو اوتري عرصي لاڪ ڊائون ۾ نرمي رهندي.
سيد ناصر حسين شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته عوام ۽ تاجر حضرات سيف ڊيز ۾ لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪن ۽ جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروباري حضرات پنهنجي گهرن ۾ رهن اطلاعات ۽ بلديات واري وزير عوام کي سيف ڊيز جي دوران گهرن ۾ رهڻ جي تاڪيد ڪندي چيو ته طبي ماهرن مطابق ڪرونا جي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ ايس او پيز تي پاپندي لازمي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ايس او پيز عوام جي جانين جي حفاطت ۽ ڪرونا جي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ آهي. ناصر حسين شاهه اميد ظاهر ڪئي ته تاجر نه صرف پاڻ بلڪه پنهنجي ڪسٽمرز کي به ايس او پيز جو پاپند بڻائيندا ڇو ته تاجرن ۽ ماڻهن جون مشڪلون نظر ۾ رکي لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو فيصلو ڪيو ويو. اطلاعات ۽بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوام پاڻ احتياطي اپائن تي دل سان عمل ڪري ڇو ته عوام جي جانين کان وڌيڪ عزير ۽ مقدم ڪا ٻي شئي ناهي ٿي سگهندي لاڪ ڊائون سنڌ حڪومت جو ڪردار ناهي بلڪه سراسر مجبوري آهي جنهن ۾ ڪاميابي عوام جي تعاون بنا هرگز ممڪن ناهي.