لاڙڪاڻو (سنڌ نيوز آن لائن) اقصيٰ بتول، نصرت دايو، افسانا دايو وائيس فار مسنگ پرسنز پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن سميت جي خاص طور پنهنجي ڀاءُ انصاف دايو جي آزادي لاءِ مائرن جي عالمي ڏينهن تي آواز اٿارڻ تي ٿورا چيو آهي ته لکين ماڻهن ٽوئٽر ٽرينڊ هلائي کنڀيلن جي آزادي جي گهر ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي عام ماڻهو سميت هر ذي شعور ماڻهن جبري گمشدگين جو مخالف آهي.
ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته فوري طور کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ آڻن، جيڪڏهن اسان جي ڀاءُ انصاف دايو سميت عدالت ڪنهن سزا ڏي ٿي ته اسان کي قبول آهي، اهڙو اظهار لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي کنڀي گم انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ بتول، نصرت دايو، افسانا دايو ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون هجڻ ڪري پنهنجي گهر ۾انصاف دايو جي آزادي لاءِ سماجي وٿي برقرار رکندي 22 هين ڏينهن به احتجاج ڪندي ڪيو.
ان موقعي تي اقصيٰ بتول، نصرت دايو، افسانا دايو وڌيڪ چيو ته اسان اڄ 22 هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو آهي، ڀاءُ انصاف دايو جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو، سنڌ سميت سموري ملڪ مان کنڀيل ماڻهو آزاد ڪيا وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته ڀاءُ انصاف دايو جي آزادي لاءِ اسين آرمي چيف، وس وارن ادارن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف چسٽس احمد علي شيخ ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيلون ڪيون آهن، اسان 22 هين ڏينهن کان پنهنجي گهر احتجاج تي آهيون. ڀاءُ جي آزادي تائين احتجاج جاري رکنداسين.