مدئجي(سنڌ نيوز آن لائن) مدئجي ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ۽ ڪاروبار کولڻ واري اعلان بعد شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز کلي ويا،ماڻهن جي پيهه،هزارين مرد،ٻار توڙِي عورتون خريداري لاءِ پهتا،ايس او پيز تي عمل ٿي نه سگهيو،سماجي وٿي وارو فارمولو نظرانداز،دوڪاندارن پاران پڻ ڪرونا کان بچاءَ واري فارمولي تي عمل نه ڪيو ويو،ڪرونا ڦهلجڻ جا امڪان وڌي ويا،پوليس خاموش تماشو ڏسندي رهي.
شاهي بازار،اسٽيشن روڊ،هوشو چوڪ سميت مختلف هنڌن تي شاپنگ ڪندڙن جي وڏي رش موجود هئي،عورتن توڙِي مردن جي پيهه سبب حڪومت پاران اعلانيل ايس او پيز تي عمل ٿي ناهي سگهيو ته ٻي پاسي وري مختلف دوڪانن تي عورتن توڙي مردن جي رش سبب سماجي وٿي واري فارمولي تي عمل ٿي ناهي سگهيو ۽ ڪنهن به خريداري ڪندڙن پاران ماسڪ،هينڊ گلوز توڙي سنيٽائيزر جي استعمال کي پڻ مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو.
حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو هو ته دوڪاندارن پاران دوڪان ٻاهران ڪرونا بچاءَ واري تدبيرن تي پڻ عمل ٿي ناهي سگهيو اهڙي صورتحال بعد شهرين ۾ شديد ڳڻتي واري لهر ڇائنجي وئي آهي.
شهرين دانهون ڪندي چيوآهي ته حڪومت پاران اعلانيل ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ۽ شهر اندر خريداري لاءِ ايندڙ ماڻهو بي خوف گهمي رهيا آهن جنهن ڪري ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيوآهي ته حڪومت پاران اعلانيل ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪرونا کان بچاءَ وارين تدبيرن تي عمل ڪرايو وڃِي جيئن ڪرونا وائرس کان بچي سگهجي.هوڏانهن شهر ۾ موجود پوليس انتظاميا ماڻهن جي رش آڏو بيوس بڻجي خاموش تماشائي بڻيل هئي.