مورو (سنڌ نيوز آن لائن) مورو ڀرسان درس پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب ھليو جي رھواسي 22 سالا نوجوان عزيزالله ھليو ولد محراب ھليو گھرو پريشانين کان تنگ ٿي ڳوٺ جي ڀرسان زرعي زمين ۾ وڃي ٽالھي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.
اطلاع ملڻ تي درس پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمدخان ابڙو لاش کي وڻ لھرائي ايمبولينس وسيلي مورو تعلقه اسپتال پھچايو جتي لاش جي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي چاچي راھب ھليو صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي ڀائٽي جو ڪجھ دماغي توازن ٺيڪ نه ھو ھن خود ڪشي ڪئي آھي.