گهوٽڪي(سنڌ نيوز آن لائن) ميرپور ماٿيلو؛ ڳوٺ واحد بخش منگسي مان 12 سالا نياڻي اغوا، پوليس کي اطلاع، پوليس جاءِ واردات پهچي وئي، جوابدارن خلاف اين سي داخل، وارثن پاران ٿاڻي اڳيان احتجاج، نياڻي جا وارث احتجاج دوران پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا.
جوابدار ظهور پتافي ۽ ٻيا نامعلوم ماڻهو منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري ويا آهن، منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، روشن شيخ، خبر موجب رات دير سان ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش منگسي مان 12 سالا آمنه ڌي روشن شيخ اغوا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس جاءِ واردات جو معائنو ڪري واپس رواني ٿي وئي، ۽ جوابدار ظهور پتافي سميت نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نياڻي وارثن روشن شيخ، شبنم، مائي جنت شيخ ۽ ٻين ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪيو، جڏهن ته نياڻي جا وارث احتجاج دوران پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا، ان موقعي تي نياڻي جي وارثن لڙڪ لاڙيندي چيو ته ظهور پتافي ۽ نامعلوم ماڻهن اسان جي نياڻي آمنه شيخ کي اغوا ڪري ويا آهن، منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.