اسلام آباد(سنڌ نيوز آن لائن) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڪيترن جي ميمبرن جي ڪورونا وائرس واري ٽيست مثبت اچڻ جي ڪري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيتر تي جاري بيان ۾ چيو ته ميمبرن ۽ عملي جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچڻ کان پوءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته اڄ کان شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندس. فواد چوڌري ناراض جو اظهار ڪندي چيو ته پهرين ڏينهن کان ويڊيو لنڪ تي سيشن جو چئي رهيو آهيان پر مخالف ڌر جي دٻاءَ ۾ اچي پارلياماني ڪميٽي غير داشمنداڻو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان ملڪي سياسي قيادت کي غير ضروري خطرن ۾ وڌو ويو آهي.