مٽياري (سنڌ نيوز آن لائن) ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جا اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ مٽياري ۾ خانگي گدامن تي ڇاپا ڪڻڪ جون ذخيرو ٿيل 2 هزار ٻوريون برآمد ڪڻڪ جون ٻوريون سرڪاري گدام منتقل .
ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر مٽياري محمد علي چنڙ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالڪريم سنگراسي ۽ اي ڊي ايف سي ناصر ڪاظمي سان گڏ مٽياري ۾ خانگي گدامن تي ڇاپا هڻي غير قانوني ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون 2 هزار کان وڌيڪ ٻوريون ضبط ڪري ورتيون ضبط ٿيل ڪڻڪ جو ٻوريون مقامي واپاري سيٺ آفتاب ميمڻ جي گدامن مان هٿ ڪيون ويو ضبط ڪيل ڪڻڪ جون ٻوريون سرڪاري گدامن ۾ منتقل ڪيون ويون. ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر محمد علي چنڙ جو چوڻ هو ته آفتاب ميمڻ جا شهر جي مختلف جڳھن تي 8 گدام آهن جن ۾ هن ڪڻڪ ذخيرو ڪري رکي هئي جنهن بعد اسان گدام سيل ڪري ڇڏيا پر اسان کي اطلاع مليو آهي ته آفتاب ميمڻ گدامن جون پوئين حصي کان ديوارون ڀڃي ڪافي مقدار ۾ ڪڻڪ غائب ڪري ڇڏي آهي ان ڪري اڄ اسان ڪڻڪ منتقل ڪيون پيا ۽ سيل ٿيل گدامن مان ڪڻڪ گم ڪرڻ تي سندس خلاف قانوني ڪاروائي به ڪئي ويندي.