اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي جنگ جو وقت آهي ته اسان جو وزيراعظم موجود ناهي، وزيراعظم ڪنفيوزڊ آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوريون نه پيو ڪري.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق کي اسان سان گڏ بيهڻ گهرجي ها ۽ جتي صوبائي حڪومت هڪ پئسو خرچ ڪري رهي آهي، اتي وفاق کي 10 رپيا خرچ ڪرڻ گهرجن ها، اسان رڳو درخواست ڪري سگهون ٿا ته سهڪار ڪيو وڃي.
هن چيو ته دنيا ۾ طبي عملي کي پيڪيج ڏنا پيا وڃن ۽ خراج پيش ڪيو پيو وڃي پر پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو آهي، بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ پنجاب ۾ ڊاڪٽرن کي بک هڙتال ڪرڻي پوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن جا بيان ذميواراڻا هوندا آهن، ڇو ته انهن کي احساس آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه چوندا آهن ته ان سان اسان جي رهنمائي ٿيندي آهي پر بدقسمتي سان وفاقي حڪومت جي ڪراچي مان چونڊيل اڳواڻن جا بيان غير ذميواراڻا هوندا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو مڪمل لاڪ ڊائون، سمارٽ لاڪ ڊائون يا نرمي ڪرڻي آهي ته توهان فيصلو ڪيو پر انهن سڀني جي اثر آهن، جڏهن ته جيڪو پهريون لاڪ ڊائون ڪيو ويو، ان جو فائدو ٿيو هو، لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان الله نه ڪري ڪيسن ۽ فوتگين ۾ واڌ ٿي ته ان لاءِ اسپتالن ۾ بسترن جي سهولت سميت ٻي تياري به ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي صوبن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين موجب اسان جي حڪومت ٻوڏن ۽ زلزلن ۾ ڪڏهن نه چيو ته صوبن جي مدد نه ڪنداسين پر اسان وڌ کان وڌ مدد ڪئي، جيترا بيان اسان هڪٻئي خلاف ڏيندا آهيون، اهي ڪورونا وائرس بابت آگاهي لاءِ ڏيون ته فائدو ٿيندو.
هن چيو ته ڇا معاشي ڏکيائيون ٻين ملڪن لاءِ ناهن، بنگلاديش، ڀارت، نائجيريا، آفريقا، ايٿوپيا ۽ افغانستان ۾ معاشي مسئلا آهن، جيڪڏهن اهي ملڪ به لاڪ ڊائون ڪري سگهن ٿا ۽ معيشت کي به سنڀالي ٿا سگهن، پنهنجي عوام کي رليف به ڏئي ٿا سگهن ته پاڪستان ائين ڇو نه ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حڪومت ڪورونا رليف آرڊيننس منظور نه پئي ڪري، جيڪو ان ئي وبا سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ آهي پر سنڌ ۾ رليف کي پي ٽي آءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مان مطالبو ٿو ڪيان ته گورنر اڄ ئي آرڊيننس منظور ڪري.
پ پ چيئرمين موجب تحريڪ انصاف حڪومت اسان کي ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي، مان رڳو سنڌ جي نه پر سڄي پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جڏهن پاڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته اسان جو وزيراعظم، وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، هو خوش آهي ته مان پي ٽي آءِ جو وزيراعظم آهيان پر ائين نه وفاق هلندو آهي، نه رياست ۽ نه حڪومت ٿي هلي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي موضوع آهن پر انهن تي وبا کانپوءِ ڳالهائيندس، هن وقت مون کي توهان سان ناهي وڙهڻو، هن وقت توهان خلاف ڪا چونڊ نٿو وڙهان، اسان وائرس خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيستائين وبا آهي، وزيراعظم کي پنهنجي بيٽنگ آرڊر تي غور ڪرڻ گهرجي، ذميوار ۽ تجربي ڪار ماڻهن کي سامهون رکي، جيڪي اسان سان ڳالهيون ڪري سگهن ۽ تميز سان ڳالهيون ڪن.