ڪراچي (سنڌ نيوز آن لائن) پاڪستان ۾ پيسو اميونائيزيشن ٿراپي سان ڪورونا وائرس جو پهريون مريض صحتياب ٿي گهر هليو ويو.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊزيز (اين آءِ بي ڊي) جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر شمسي موجب ڪورونا جي هڪ مريض کي 30 اپريل تي پلازمه لڳائي وئي ۽ هو 8 مئي تي مڪمل طور صحتياب ٿي ويو هو.
هن ٻڌايو ته مريض جي ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جيڪا هاڪاري آئي آهي ۽ هاڻ هو گهر به منتقل ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين 12 کان وڌيڪ مريضن تي پيسو اميونائيزيشن ٿراپي استعمال ڪئي پئي وڃي.