جنيوا(سنڌ نيوز آن لائن) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 10 اپريل کان ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهي آهي.
گڏيل قومن جي صحت واري عالمي اداري طرفان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس بابت انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
ڊبليو ايڇ او جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 10 اپريل تي ڪورونا ڪيسن جو انگ مختصر وقفي کان پوءِ مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ 9 مئي تي لڳ ڀڳ 2000 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا.
صحت واري عالمي اداري موجب 10 لک آبادي جي لحاظ سان ڪيسن جو انگ ڏٺو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ ڪيس اسلام آباد ۾ آهن جنهن کان پوءِ سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ انگ لڳ ڀڳ هڪ جهڙو آهي جڏهن ته بلوچستان جو ٽيون ۽ خيبرپختونخواهه جو چوٿون نمرب آهي جنهن کان پوءِ پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جو نمبر آهي.
ڊبليو ايڇ او جي انگن اکرن ۾ متاثر ماڻهن جي انگ جي لحاظ سان ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ڪيسن وڌي رهيا آهن پر پهرين مئي کان پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪيسن جو انگ گهڻو تيزي سان وڌي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جون سڀ کان گهٽ ٽيسٽون آزاد ڪشمير ۾ ڪيون ويون.
فوتگين جي لحاظ سان خيبرپختونخواهه پهرين، پنجاب ٻئي ۽ سنڌ ٽئي نمبر تي آهي جڏهن ته بلوچستان جو چوٿون، اسلام آباد جو پنجون ۽ گلگلت بلتستان جو ڇهون نمبر آهي.
ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته هن جي عملي پنجاب جي 6 ضلعن ۾ ريپڊ ريسپانس ٽيم کي تربيت ڏني آهي جڏهن ته پاڪستان امداد جي لاءِ 21.5 ملين ڊالر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي جنهن مان 17.3 ملين ڊالر جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو پوي.