پيرجوڳوٺ(سنڌ نيوز آن لائن ) پيرڳوٺ ۾ ڪرونا وائرس ڪيسن جو انگ 291 ٿيڻ بعد شهر ۾ خوف جو عالم برقرار، ڪاروبار نه کلي سگهيا، ڪيترائي دڪاندار روڊن تي اچي ويا ڪاروبار کولڻ جو مطالبو، ڪنگري بار پاران به ٽيسٽ جعلي قرار ڏئي رد، عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ جانچ جو مطالبو، سنڌ بينڪ پيرڳوٺ جا مئنيجر ڪرونا جو شڪار ٿيڻ بعد بينڪ سيل، صحت کاتي 9 بيسڪ هيلٿ سينٽر به بند ڪري ڇڏيا، سوين هزاري مريض دربدر.
پيرڳوٺ ۾ مقامي سطح تي ڪرونا وائرس جو تعداد 291 ٿي ويو آهي جنهن مان جي ڊي اي ايم پي اي سيد محمد راشد شاهه راشدي جي ٻيهر رپورٽ نيگيٽو اچڻ بعد انگ 290 آهي، جڏهن ته وڏي تعداد ۾مقامي سطح تي ڪرونا جو شڪار ٿيل ماڻهن کي انتظاميه سهي نموني آئيسوليشن ۾ نه رکي سگھي آهي، ڪيترائي ماڻهو مختلف هنڌن تي گھمندي نظر آيا.
ڪرونا جا ڪيس وڌڻ ڪري پيرڳوٺ شهر مڪمل طور بند رهيو ۽ شهر جا مختلف محلا، ڪالونيون سيل رهيون، جڏهن ته ڪاروبار نه کلڻ خلاف پيرڳوٺ جي دڪاندارن پاران ريلي ڪڍي جنرل بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي عبدالرزاق جوڻيجو، محمد يونس ميمڻ، مدثر، سراج احمد ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان ڪاروبار بند هجڻ ڪري خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن راشن به من پسند ماڻهن کي ڏنو ويو، جڏهن ته انتظاميه پيرڳوٺ مان جعلي ڪٽس ذريعي مقامي سطح تي 291 ڪيس ظاهر ڪري پيرڳوٺ شهر کي بند ڪيو آهي، جيڪا سياسي انتقامي ڪاروائي نظر اچي پئي هنن گھر ڪئي ته شهر کولرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
ٻئي طرف ڪنگري بار پاران مقامي سطح تي ظاهر ڪيل ڪيسن کي جعلي قرار ڏيندي عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪنگري بار جي اڳواڻن شمس لاڙڪ، سيد ابوبڪر شاه، علي حسن ميتلو، فياض ميتلو، محمد رفيق ڦلپوٽو، مهدي شاهه، ضمير ميمڻ، منير خاصخيلي، عدنان ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پيرڳوٺ ۾ صحت کاتي پاران ڪرايل ٽيسٽون حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهن، جن کي رد ڪيون ٿا،
هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان گھر ڪئي ته پيرڳوٺ ۾ ٿيل ڪرونا ٽيسٽن جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي جانچ ڪري سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڄاڻايل ماڻهن جي ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي خوف جي فضا ختم ڪئي وڃي، هنن چيو ته پيرڳوٺ ۾ ٺاهيل نام نهاد قرنطينه صرف هڪ ڍونگ آهي جتي هن مهل تائين هڪ به ڪرونا مريض کي آئيسوليٽ نه ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته صحت کاتو مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيو آهي، هيڏي وڏي انگ ۾ ڪرونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ باوجود مريض توڙي پيرڳوٺ جي شهرين کي ماسڪ، هينڊ گلوز توڙي ٻيون گهربل شيون نه ڏئي سگھي آهي، ٻئي طرف سنڌ بينڪ پيرڳوٺ جي برانچ مئنيجر ۽ آپريشن مئنيجر به ڪرونا جا شڪار آهن جنهن کانپوءِ انتظاميه سنڌ بينڪ پيرڳوٺ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري اڪائونٽ هولڊر سخت پريشان رهيا. صحت کاتي خيرپور پاران پيرڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪنگري تعلقي جي 9 بيسڪ هيلٿ سينٽرن احمدپور، وڏا مهيسر، صدرجي ڀٽيون، هادل شاهه، راهوجا، ڪوٽ ميرمحمد، ڳاڙهي موري، منگھنواري، ڪوٽ ميرمحمد سينٽرن کي بند ڪيو ويو آهي، صرف ايمرجنسي تحت ايندڙ مريضن جو علاج ڪيو ويندو. جڏهن ته پيرڳوٺ اسپتال جي گذريل 5 ڏينهن کان وٺي او پي ڊي بند آهي جنهنڪري ڊائريا، گيسٽرو، بخار توڙي ٻيا دربدر ۽ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.