ڪراچي )سنڌ نيوز آن لائن) عالمي وبا ڪرونا وائرس جي حوالي سان پي ٽي آئي اڳواڻن جي الڳ الڳ بيانن تي سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي الزام مڙهيا ويندا آهن ته ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ اسان جا فيصلا ضرورت کان وڌيڪ آهن.
پي ٽي آئي جو ڪو ليڊر چوندو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ معمولي فلو آهي جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻ الزام لڳائيندا آهن ته ڪرونا پازيٽو جي تعداد غلط ٻڌائي پئي وڃي شايد اهي ماڻهو لا علم آهن ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سان متاثر 198 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ايترين فوتگين کان پوءِ به پي ٽي آئي جا ماڻهو چوندا آهن ته پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي اها ڳالهه انهن متاثرن ماڻهن کان وڃي پڇو جنهن جا پيارا هن وبا جو شڪار ٿي فاني جهان ڇڏي ويا.
هن وڌيڪ چيو ته الزام مڙهيا ويندا آهن ته سنڌ حڪومت جا فيصلا ڪراچي دشمني تي جڙيل آهن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 14 اپريل تي لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ تا حال68 ماڻهو آئي سي يو بيڊز تي آهن آئي سي يو بيڊ تي موجود ان مريضن مان 62 جو تعلق ڪراچي سان آهي.
بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ هڪ ڀيرو ٻيهر لسانيت کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ صرف پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف سازشن ۾ مصروف آهن خدايا هن مشڪل وقت ۾ پي ٽي آئي وارا هوش کان ڪم وٺن ۽ هر معاملي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪن.
بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سياست ڪرڻ لاءِ وقت پيو آهي هن وقت اسان عوام جون جانيون بچائڻ لاءِ تدبيرون ڪيون بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اگر توهان اسان جي مدد نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ عوام کي گمراهه ته نه ڪيو.