اسلام آباد (سنڌ نيوز آن لائن) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ سنڌ يا صوبائي ڪارڊ نه هلندو.
قومي اسيمبلي اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي معاملي تي بحث ڪيو ويو.
اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر طرفان ميمبرن کي هڪ – هڪ سيٽ جو فيصلو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ان موقعي تي تقرير ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته دنيا ڪورونا وائرس سبب پريشاني ۾ ورتل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف سياسي جماعتن مشاورتي ويهڪ ڪئي ۽ سموريون سياسي جماعتون ان نتيجي تي پهتيون ته پارليامينٽ جو اجلاس گهرايو وڃي، اپوزيشن جي مطالبي تي مشاورت لاءِ اجلاس ٿيو، مشاورت ۽ تجويزن کانپوءِ گڏيک حڪمت عملي جوڙي ويندي.
هن چيو ماهر متفق آهن ته ڪورونا جي ويڪسين اچڻ تائين مختلف طريقن سان پکيڙ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ٻي عظيم جنگ کانپوءِ دنيا ايڏو وڏو بحران نه ڏٺو، خيال آهي ته ويڪسين 18 مهينن کان ٻن سالن تائين ايندي.
سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم کانپوءِ صحت جو شعبو صوبن کي منتقل ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ گذريل 12 سالن کان پ پ جي حڪومت آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ گذريل 10 سال ن ليگ جي حڪومت رهي، اسان کي جيڪي خدشا هئا، جيڪڏهن اهي درست ثابت ٿين ها ته سسٽم هيل تائين تباهه ٿي چڪو هجي ها پر الله جو ڪرم آهي ته اسان جو صحت جو نطام ناڪام نه ٿيو.
شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل راءِ ذريعي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڏو ردعمل ڏنو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جوڙيو ويو ۽ سڀني کي ان ۾ نمائندگي ڏني وئي، 18هين ترميم کي ڄاڻيندي صحت جي معاملي تي صوبن لاءِ لچڪ جو مظاهرو ڪيو ويو.
هن چيو هڪ تاثر اڀريو ته سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي، اهو تاثر بلڪل غلط آهي، سنڌ حڪومت کي آبادي جي لحاظ سان سڀ کان وڌيڪ حفاظتي سامان ڏنو ويو.
سندس موجب لاڪ ڊائون نرم نه ڪيون ها ته 2 کان 7 ڪروڙ ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا وڃن ها، جيڪڏهن سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ جانيون وڌيڪ ضايع ٿيون ته نظرثاني جو اختيار رکون ٿا، سمورين صوبائي حڪومت سان مشاورت ڪري لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو عمل شروع ڪيو ويو، وفاقي حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ خواهش آهي ته زندگيون به بچن، معيشت کي به نقصان نه ٿئي. پرڏيهي وزير چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نيڪ نيتي باوجود سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو فائدو نه ٿيو، اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو چيو ته ٽوڪ ڪئي وئي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ڇا آهي؟ جنهن پ پ مان وفاق جي خوشبو ايندي هئي، اڄ صوبائي تعصب جي بوءِ اچي رهي آهي، ڪورونا خلاف جنگ ۾ سنڌ ڪارڊ يا صوبائي ڪارڊ نه هلندو.