ڀريا سٽي (سنڌ نيوز آن لائن) ڀرياروڊ ۾ خاصخيلي برداري جي ٻن ڌرين زمين جي رستي جي معاملي تان جيهڙو فائرنگ ، لٺيون لڳڻ سبب پيءٌ پٽ سخت زخمي اسپتال داخل . متاثر جو جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ احتجاج پوليس هن مهل تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا . ۽ جوابدارن ڏوهاري قسم جا ماڻهون آهن . انصاف ڪيو وڃي .
صدام خاصخيلي تفصيل موجب ڀرياروڊ ويجهو ڳوٺ سجاد خاصخلي واسي خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي رستي جي معاملي تان جيهڙو ٿي پيو . جيهڙي سبب لٺيون،سرون لڳڻ ،حاجي مير محمد خاصخلي ، ۽ محمد سچل خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪيو ويو .
زخمي جي وارث صدام حسين خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب جي اڳيان سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهيا هئا سين ته هٿيارن جي زور تي علي گل خاصخيلي ، ٽامو خان خاصخيلي ،عبدالرزاق ، رياض ، عبدالستار ۽ پرويز ،خاصخيلي وارن اوچتو حملو ڪيو ، جنهن سبب لٺيون لڳڻ ڪري اسان جا ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ۽ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا .
هنن ٻڌايو ته جوابدارن ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن . پهريان به ڪافي دفعا مسئلا ڪري چڪا آهن . هن ٻڌايو ته زمين به اسان جي آهي . رستو به اسان جو آهي . برادري جا ماڻهو ڏاڍ مڙسي ڪري اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن ٻڌايو ته جوابدار بااثر ماڻهو آهن . ڪنهن به وقت هو ٻيهر حملو ڪري سگهن ٿا . اسان اهڙي واقعي جي ڀرياروڊ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر ڀرياروڊ پوليس هن مهل تائين جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ بين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو .