لاهور (سنڌ نيوز آن لائن) چوڌري ڀائرن جي نيب خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙي وئي.
ق ليگ جي چوڌري ڀائرن نيب چيئرمين جي اختيارن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي نيب چيئرمين خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته کيس 19 سال پراڻو ڪيس ۽ بند ڪيل انڪوائري ٻيهر کولڻ جو اختيار ناهي.
چوڌري ڀائرن جي درخواست تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪيو پر پوءِ بئنچ جي ميمبر جسٽس فاروق حيدر ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن تي بئنچ ٽٽي وئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري ڀائرن جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني نئين بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو سربراهه جسٽس شهباز رضوي آهي، جڏهن ته ٻيو ميمبر جسٽس اسجد گورال آهي.