لکي غلام شاه (سنڌ نيوز آن لائن) چڪ ڀرسان 2نوجوان هٿياربندن هٿان اغوا ،خانپور جي ڳوٺ محمدو واسي نوجوان حمادالله هڪڙو ۽ ڳوٺ کاهي واسي محمدعلي هڪڙو سکر مائٽن ڏانهن گهمڻ وڃي رهيا هئا ته چڪ سکر روڊ تي ٻڌ ڳوٺ وٽ 2 موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن پيڇو ڪري يرغمال بڻائڻ بعد هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا.
ڌاڙيلن هڪ ڄڻي محمد علي هڪڙو کي رستي ۾ ٿوري پنڌ تي ڇڏي ڏنو جڏهن ته حمادالله هڪڙو کي اغوا ڪري کڻي ويا ،اغوا کان بچي ويل نوجوان محمد علي هڪڙو وارثن سان رابطو ڪري اغوا بابت ٻڌايو ته هڪڙا برادريءَ جا ماڻهون ۽ ڳوٺاڻا هٿيارکڻي نڪتا جن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو پيرا کڻي ويندڙ ڳوٺاڻن ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ رستي ۾ ڳوٺ ساماڻي جي وانڍ ويجهو مقابلو ٿي پيو ڌاڙيلن ۽ ڳوٺاڻن جي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڌاڙيل اغوا ڪيل حمادالله هڪڙو کي زخمي حالت ۾ موٽرسائيڪل سميت ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن نوجوان کي ڳوٺ کاهي ۾ آندو جتي مقامي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو ويو ۽ دائم ملڪ پوليس اطلاع بعد ڳوٺ کاهي پهچي اغوا بعد بازياب ٿيل کان تفصيل معلوم ڪرڻ بعد واپس هلي وئي.