ڪنڊيارو : (سنڌ نيوز آن لائن) سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون کي ختم ڪرڻ جي حڪمن باوجود حساس ادارن جي اهلڪارن شھر جي سمورن بازارن جا کليل دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا ،ايس او پيز تحت دوڪان کوليندڙ دڪاندارن تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کليل دوڪان بند ڪرائي 15 کان وڌيڪ دوڪاندار گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي.
شهر جي شاهي بازار، چمن بازار، اسپتال روڊ، عيدگاهه روڊ وارن علائقن ۾ پوليس ڪپڙي، اليڪٽريڪل، موبائيل شاپ بند ڪرائي ڇڏيا قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي شھر ۾ اوچتو ڪاروائي سبب دوڪاندارن ۾ خوف ڇائجي ويو ۽ دوڪاندار ۾ ڀاڄ پئجي وئي دوڪان بند ڪرائڻ خلاف پوري شهر جا دڪاندار سراپا احتجاج بڻجي ويا.
سوين دڪاندارن شهري اتحاد جي صدر مير خان سهتو حافظ سڪندر علي ڏيپر ، ، سرفراز قريشي ، ايڊووڪيٽ حفيظ مڱريو جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي تي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو بعد ايس ڊي ايم ڪنڊيارو نعيم سهتو سان فون تي رابطو ڪري اهڙي ڪاروائي تي احتجاج ڪيو بعد اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوء گرفتار دوڪاندارن کي آزاد ڪيو ويو. دوڪاندار اڳواڻن الزام هنيو ته وزيراعلي جي حڪم تحت دوڪان کوليا ويا پر افسوس ته ايس ڊي ايم ان تي عمل نه ڪرايو الٽو دوڪاندارن کي گرفتار ڪري تاڻي تي ويهاريو ويو هوڏانهن ايس ڊي ايم نعيم سهتو چيو ته ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب دوڪان بند ڪرايا ويا باقي دوڪاندارن کي گرفتار ڪرڻ جي مون کي خبر نه هئي.