ملير ( سنڌ نيوز آن لائن) گلشن حديد شهيد بينظير ڀٽو ڊسپينسري ۾ ڪورونا وائرس بابت اسڪريننگ ٽيسٽ شروع ٿي ويو.
ملير جي علائقي گلشن حديد يوسي 23 شهيد بينظير ڀٽو ڊسپينسري ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ جو عمل شروع ڪرايو ويو، ضلعي ملير جي ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن جي وڏي انگ ٽيسٽ ڪرائي، ڊي ايڇ او ملير ڊاڪٽر مقبول میمن پاران عوام کي مفت سهولت مهياءَ ڪرڻ لاءِ عملو موجود هو.
صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي فوڪل پرسن جي نگراني ۾ ٽيسٽ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 45 شڪي ماڻهن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وئي جن جو تعلق گلشن حديد جي ٽن ڪرونا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ وارن مريضن جي خاندان سان آهي.
ان ڏس ۾ بن قاسم ٽائون جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ جن مريضن جو پازيٽو ٽيسٽ آيو جن ۾ غلام شبير جنڊراڻ، عرفان خان، عبدالوحيد شامل آهن، انهن جي خاندانن ۽ ڀرپاسي جي رهائشي ماڻهن جون ٽيسٽون ورتيون ويون، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جون علامتون ظاهر ٿيڻ تي پڻ ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن جا نتيجا ٻن ڏينهن بعد ايندا. انڊس اسپتال جي عملي جي نگراني ۾ رت جا نمونا ورتا ويا،ان موقعي تي يوسي 23 ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ميمبرن آغا طارق پٺاڻ، مير عباس ٽالپر پاران ملير جي چونڊيل نمائندن جي چوڻ تي مفت ڪرونا وائرس ٽيسٽنگ ڪيمپ جو دورو ڪيو.