ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سچائين کي افسانن ۽ خاڪن ذريعي پيش ڪندڙ سعادت حسن منٽو جي 180 هين جنم ڏينهن تي گوگل پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
سعادت حسن منٽو روايتي اردو افسانن ۾ نواڻ آندي، اردو ادب ۾ هو اڄ به ان مقام تي آهي جتي هن جو مقابلو ڪو به نٿو ڪري سگھي.
ليجنڊ افسانه نگار سعادت حسن منٽو 11 مئي 1912ع تي ڀارت جي ضلعي لڌيانا ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم پنهنجي گھر ۾ حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1921ع ۾ ايم او مڊل اسڪول ۾ چوٿين جماعت ۾ داخلي ورتي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ منٽو ٽوبه ٽيڪ سنگھه، کول دو، ٺنڊا گوشت، دهوان ۽ بو سوڌو ڪيترائي بهترين افسانا تخليق ڪيا جيڪي اردو ادب جي آسمان تي سدائين ستارن جيان چمڪندا رهندا.
منٽو اڍائي سئو کان وڌيڪ افسانه ۽ ڪهاڻيون لکيون جنهن مان 5 افسانن کي ان وقت جي حڪومت فحش قرار ڏئي کيس عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو.
اردو ٻوليءَ جو عظيم افسانا نگار سعادت حسن 42 ورهين جي عمر ۾ 18 جنوري 1955ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو پر هو اڄ به پنهنجي سبب ادب جي دنيا ۾ زندهه آهي. منٽو پنهنجي قبر جو ڪتبو به پاڻ لکيو جيڪو هيٺ ڏنل تصوير ۾ پڙهي سگھجي ٿو.