سڪرنڊ(راج ڪماراوڏ) آل تاجران ويلفيئر ڪميٽي سڪرنڊ پاران لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيل مفلس ۽ مزدور طبقي جي 700 خاندانن ۾ 1000000 ڏھ لک رپين جا 700 عيد راشن بيگس ورھايا وياـ
عيد راشن تقسيم پروگرام جي تقريب گورنمينٽ ھاء اسڪول سڪرنڊ ۾ منعقد ڪئي وئي ـ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر, صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو , اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي, مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري جي سھڪار سان مستحق ماڻھن ۾ عيد پيڪيج تحت راشن تقسيم ڪيو ويو ـ
ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشمنر محمد سليم جتوئي چيو ته سڪرنڊ جي واپارين نادار , مزدور ۽ حقدار ماڻھن ۾ عيد جي موقعي تي سامان ورھائي ساراھ لائق ڪم ڪيو آھي ڇو ته اصل عبادت ماڻھن جي خدمت ڪرڻ ئي آھي ـ ھن چيو ته عيد راشن تقسيم پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر محمد صديق منگيو کي مقرر ڪيو ويو ۽ اسان ان سان گڏ جائز ۽ حقيقي مستحقن کي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ لاء ڪوششون وٺي, تاجر برادريء جي تعاون سان ھي تقريب منعقد ڪرائي ـ
ھي تمام وڏي ڳالھ آھي جو ھڪ جاء تي ست سو خاندانن جي مدد ڪئي وئي آھي ـ ڪوآرڊينيٽر ۽ صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو, تاجر برادريء جي ھن نيڪ ڪم کي ساراھيندي چيو ته سڪرنڊ جي واپارين ۾ مونکي انسانيت سان محبت ڪرڻ جو جذبو نظر اچي رھيو آھي. سڪرنڊ جا واپاري غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جي دردن ۽ اھنجن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکن , اھا تمام وڏي ڳالھ آھي ـ
ھن چيو ته سڪرنڊ جي واپارين عيد پيڪيج جو پروگرام ھر سال منعقد ڪرڻ جو وچن ڪيو آھي ۽ اھا خوش ائيند ڳالھ آھي جو ھو خدا طرفان مقرر ڪيل ٻانھن جي حقن جي ادائگيء لاء پاڻ پتوڙي رھيا آھن ـ آل تاجران ويلفيئر ڪميٽي سڪرنڊ جي صدر شفيع راجپوت چيو ته آئون اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم جتوئي , مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري ۽ صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو جو ٿورائتو آھيان جن , ھن نيڪ ڪم کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ـ
ھن سڪرنڊ جي معزز واپارين جن ۾ طارق راجپوت , سيٺ اختر راجپوت , محمد اڪرم جٽ , منير احمد ڀٽي , سيٺ آفتاب راجپوت نظير احمد ميمڻ ۽ راجڪمار لوھاڻو ۽ ٻين واپاري برادريء جي دوستن جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو ته انھن جي مالي مدد ۽ سھڪار سان اسان اڄ غريب ماڻھن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪيو آھي ۽ اسلام جي احڪامن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ـ ھن چيو ته سڪرنڊ جي واپاري برادريء جي مالي مدد سان اسان ھر سال عيد پيڪيج پروگرام منعقد ڪنداسين ۽ مستحق ماڻھن کي خوشيون ميسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.