لاهور: انٽر سٽي ٽرانسپورٽرز سڄي ملڪ ۾ گڏيل پاليسي آڻڻ تائين گاڏيون هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سڄي ملڪ جي ٽرانسپورٽرن پبلڪ ٽرانسپورٽ ايڪشن ڪميٽي قائم ڪري ورتي جنهن جو چوڻ آهي ته قومي رابطا ڪميٽي طرفان سڄي ملڪ جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لاءِ گڏيل ايس او پيز جاري ٿيڻ تائين انٽر سٽي ٽرانسپورٽ نه هلائينداسين. چئني صوبن جي ٽرانسپورٽرن جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته هر صوبي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ايس او پيز ۾ ابهام موجود آهن. ٽرانسپورٽرز جو چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهيون ڪري ملڪ جي لاءِ گڏيل ايس او پيز جاري ڪري نه ته عيد تائين ۽ بعد ۾ به ٽرانسپورٽ نه هلندو، ڀلي بسون اڻ ڄاتل مدي تائين بيٺيون رهن ڇو ته موجوده ايس او پيز جي تحت بسون هلائڻ نقصان ڪار آهي.