جده: اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جو نئون ڊوميسائل قانون رد ڪري ڇڏيو. او آءِ سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب تنظيم جي انساني حقن جي مستقل آزاد ڪميشن والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ڊوميسائل قانون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو نئون ڊوميسائل قانون او آءِ سي ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي برادري ڊوميسائل قانون واپس وٺڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. او آءِ سي ڪميشن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب عمل يقيني بڻائي. انساني حقن جي ڪميشن ڀارتي حڪومت جي والاريل ڪشمير ۾ نئين ڊوميسائل قانون جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دنيا ڪورونا سان وڙهي رهي آهي ۽ ڀارت غير قانوني قدم کڻي رهيو آهي. او آءِ سي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو اهو قدم والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڪشميري عوام انهن غير قانوني قدمن جي سخت مذمت ڪئي آهي، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن.