ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون کي 15 ڏينهن جي لاءِ وڌائي ڇڏيو جيڪو هاڻ 2 جون تائين برقرار رهندو. بلوچستان ۾ موجوده لاڪ ڊائون جو مدو اڄ منجهند 12 وڳي پورو ٿي ويو هو جنهن جي واڌ جي لاءِ گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. لاڪ ڊائون دوران سڄي صوبي ۾ سمورن شاپنگ مالز، مارڪيٽن، دڪان، گودام، آٽو ريپئر شاپس ۽ هيئر ڪٽنگ سيلونز کي صبح 3 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي پر رمضان کان پوءِ شاپنگ مالز، مارڪيٽون ۽ دڪان صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولي سگهجن ٿا. گهرو کاتي جي پڌرائي موجب تندور، ڊيري پروڊڪٽس شاپس، ميڊيڪل اسٽور، بلڊ بينڪ ۽ ٽيلر شاپس کي 24 ڪلاڪ کليل رهڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ هوٽلز کي به رڳو هوم ڊيليوري ۽ ٽيڪ آ وي سروس جي لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رهڻ جي اجازت هوندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دڪان ۽ مالز ۽ ورڪرز ۽ خريدارن جي لاءِ هٿ ڌوئڻ لاءِ سينيٽائزر جي فراهمي ۽ ماسڪ ۽ گلور جو استعمال لازمي آهي، ڪنهن به خريدار کي بنا ماسڪ جي دڪان يا شاپنگ مال ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته خريدار ۽ ورڪر جي وچ ۾ هڪ ميٽر جو فاصلو ضروري هوندو ۽ ڪنهن به دڪان ۾هڪ ئي وقت 4 کان وڌيڪ ماڻهو نه هوندا.