اسلام آباد(م ڊ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) دنيا جي 20 وڏين معيشتن تي ٻڌل ملڪن جي گروپ (جي 20) کان قرضن کي پوئتي ڪرائڻ جو معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اي سي سي پڌرائي موجب اجلاس ۾ جي 20 قرضن کي پوئتا ڪرائڻ جو معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏيندي جنهن جي تحت جي 20 ملڪن مان پاڪستان کي قرض جي ادائيگي ۾ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ريليف ملڻ جا امڪان آهن. پڌرائي موجب اقتصادي معاملن واري ڊويزن پيرس ڪلب ۽ جي 20 ملڪن سان مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح ڪندو. ان موقعي تي حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪمرشل قرضن کي پوئتي ڪرائڻ جو ارادو نٿو رکي، پاڪستان ٻه طرفن معاهدن جي پاسداري ڪندو. اي سي سي جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي عمارت جي مرمت جي لاءِ 36 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪي گرانٽ سميت هائوسنگ واري وزارت جي لاءِ 3 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب اي سي سي پاور سيڪٽر جي قرضن جي ادائيگي جي لاءِ 10 ارب رپين جي فنڊن جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.