سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ڀرسان پيرومل ۽ جھول ٿاڻي جي حدن پوليس ۽ ڦورن جي وچ مقابلو ٿيو آھي جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ٻه هٿياربند ڦورو مارجي ويا آھن.ھوڏانھن مارجي ويل علي حيدر جي وارثن احتجاج ڪندي سڄي واقعي کي ڪوڙو مقابلو قرار ڏئي جانچ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. مارجي ويل ٻن هٿياربند ڦورن جي سڃاڻپ سومار مهر ۽حيدر طور ٿي آھي مارجي ٻن ڄڻن جا لاش پوليس سانگهڙ سول اسپتال پهچايا آھن پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان جهول ٿاڻي حد ۾ ٻه هٿياربند ڦر جي اردي تي بيٺل هئا جن پوليس ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني جهن مقابلي ۾ هڪ هٿياربند سومار مهر مارجي ويو آھي جڏهن ته ٻي پاسي پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ ٿي آھي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هٿياربند ڦورو حيدر رونجهو مارجي ويو آھي ۔۽ جڏهين چارهٿياربند فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويا آھن پوليس اھا پڻ دعوي ڪئي آهي تہ مارجي ويل هٿياربند جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آھن. جڏهن ته ان واقعي بعد مارجي ويل علي حيدر جي وارثن سانگھڙ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪوڙو مقابلو ڏيکاري علي حيدر کي ماريو ويو آهي ان جي جانچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش سانگھڙ اسپتال ۾ پيل آھن ته فائرنگ مارجي ويل سومار مهر عمر ڪوٽ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي هوڏانهن جهول ۽ پيرومل پوليس چوڻ موجب مارجي ويل ٻئي ڄڻا مختلف ڪيسن ۾ گهربل آھن.