ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڏاڪڻين تي گڏيل اپوزيشن جو اجلاس، سنڌ سرڪار تي ڇتي تنقيد، پي ٽي آءِ، متحده پاڪستان ۽ جي ڊي اي اڳواڻن پ پ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي وبائي حالتن ۾ پ پ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي سبب عوام ڀوڳي رهيو آهي، ڇا سنڌ ۾ ٿيليسميا، ايڊز ۽ ٻين بيمارين جا مريض نه آهن جو سڄي عوام کي تڪليف ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، پ پ حڪومت کان حساب ورتو ويندو ۽ کين ٻاهر اچڻو پوندو، نصرت سحر عباسي جو چوڻ هو ته اسان چاهيو هو ته هي اجلاس جمهوري طريقي سان ٿئي پر اجلاس گهرائي ملتوي ڪيو ويو، اسان کي مجبورن اڄ علامتي اجلاس گهرايو ويو، ڇا ڪورونا لاءِ ضروري آ ته اسان روز مرتضيٰ وهاب جون تقريرون ٻڌون، سي ايم روز ٻڌائي ٿو ته اڄ ايترا مري ويا ايترا وڪوڙجي ويا، ڪلڪيوليٽر شاھ ٻڌائي ته پئسو ڪاڏي ويو، فنڊ ڪاڏي ويا، سنڌ جي عوام کي راشن نه مليو آهي، هڪ وزير اعلي ۽ چار وزير اچي هيلٿ جي بريفنگ ڏيڻ ٿا. اسان پڇون ٿا ته هيلٿ وزير ڪٿي آهي، فردوس شميم، عارف مصطفيٰ جتوئي، حليم عادل شيخ، خواجا اظهار الحسن ۽ ٻين مخالف ڌر اڳواڻن پڻ خطاب ڪندي چيو ته عوام کي راشن جي نالي تي بيوقوف بڻايو ويو، پ پ وارا غريبن جا دڪان بند رکڻ چاهين ٿا, ڇو ته هنن وٽ 3 کان 4 سئو وينٽيليٽر آهن جيڪڏهن ڪورونا ڦهلجي ويو ته مسئلو ٿي ويندو، نوشهرو فيروز ۾ وينٽيليٽر چوري ڪيا ويا، مراد علي شاهه ڊونلڊ ٽرمپ بڻجڻ چاهي ٿو، خواجه اظهار الحسن چيو ته اجلاس نه گهرائڻ واري عمل جي مذمت ڪيان ٿو, آغا سراج دراني پنهنجي منصب سان انصاف نه ڪيو، اسان سمجهون ٿا ته اسپيڪر تي پ پ جو دٻاءُ آهي، ان جو اهو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اسپيڪر حڪومت جي جي حضوري ڪري، حڪومت جڏهن مخالف ميمبرن جي ڳالھ ئي نه ٿي ٻڌڻ چاهي ته پوءِ اها حڪومت نه پر آمريت آهي. پ پ سنڌ صوبي کي نه ٿي سنڀالي سگهي. سنڌ حڪومت صوبي کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي ، ڪراچي صوبي کي 3 ارب روپيه ساليانا ڏئي ٿو پر هن شهر لاءِ نه وفاق وٽ ڪو پروگرام آ نه ئي سنڌ حڪومت ڪا وارثي ڪئي آهي. اسپتالن ۾ مرندڙ هر ماڻهو کي ڪرونا سرٽيفڪيٽ پڪڙايو پيو وڃي.