ڪراچي: سنڌ حڪومت چيو آهي ته صوبي ۾ طئي ٿيل ضابطي تي عمل ڪندي جمعته الوداع، ختم القرآن ۽ شب قدر ۽ عيد نماز جي اجتماعن رٿي سگهجن ٿا. ڪراچي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته اجتماعن ۽ عبادتن ۾ ضابطي ڪار (ايس او پيز) تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته اسان کي ٽائيگر فورس جي نالي تي اعتراض آهي، ٽائيگر فورس کي ڪرڻو ڪجهه به ناهي رڳو ڳالهيون ڪرڻيون آهن، اسان خير ۽ ڀلائي جو ڪم ڪندڙ فورس کي ڀليڪار ڪنداسين. گورنر راڄ بابت صوبائي وزير چيو ته اِها هنن جي پراڻي خواهش آهي، هنن کي سڀ غلط شيون سنڌ ۾ ئي نظر اينديون آهن، ٻين صوبن ۾ جتي هنن جي حڪومت آهي اُتي ڇو ڳالهيون نٿا ڪن، هي پاڻ لاڪ ڊائون جون تعريفون ڪندا رهيا پر هاڻ مخالفت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته صوبي جي هڪ ٻئي مسئلي تي وفاق غير قانوني ڪم ڪيو آهي ۽ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي ۾ صوبي جي ڳالهين کان سواءِ ميمبرن کي تبديل ڪيو ويو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته قانون جي هر هر ڳالهه ڪندڙ قانون جون هر هر متيون منجهائيندا رهيا آهن، قانون جي موجب جيڪڏهن ڪنهن ميمبر کي هٽائڻو آهي ته صوبي سان ڳالهيون لازمي آهن ۽ جنهن شخص کي هٽايو پيو وڃي ان کي ٻڌڻ به لازم آهي پر ارسا بابت وفاق صوبي يا وزير اعظم وڏي وزير سان ڪا ڳالهه نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي ۽ خدشا ختم نه ڪيا ويا ته عدالت سان رابطو به ڪري سگهون ٿا.