اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي شڪايتن بابت ڪوتاهي تي ادارن جي خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزير اعظم آفيس جي ذريعن موجب وزير اعظم آفيس ۾ قائم ” شڪايت سيل“ تي شهرين شڪايتن جي حل تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن تي وزير اعظم عمران خان ادارن جي خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته وزير اعظم جي هدايت تي 1 لک 6 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جنوري کان 30 اپريل تائين حل ڪيل شڪايتن کي مرحليوار کوليو ويندو ۽ انهن جو ميرٽ تي حل يقيني بڻايو ويندو. ذريعن موجب وفاق مان 12340، پنجاب مان 17661، بلوچستان مان 482، سنڌ مان 3256 ۽ خيبرپختونخواهه مان 5346 شڪايتون ٻيهر کوليون وينديون.