اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس پاڻمرادي ڪيس جي عبوري حڪم نامي ۾ قرار ڏنو آهي ته آئين جي تحت وفاق وٽ ايگزيڪٽو اختيار آهن ان ڪري صوبا وفاقي اختيارن جو احترام ڪندي عملدرآمد يقيني بڻائن. سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس پاڻمرادي ڪيس جو عبوري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪورونا وائرس مان متاثر ملڪ آهي، ڪورونا جي مريضن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، ڪورونا وائرس سبب ڪيتريون ئي فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي تصديق ٿيل مريض موجود آهن، ڪورونا وائرس حڪومت جي ذميوارين تي بار آهي، حڪومت وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري طور قدم کڻي. عبوري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي جدوجهد ڪندڙ معيشت کي ڪورونا وڌيڪ جدوجهد ۾ وجهي ڇڏيو، عوام جو بنيادي حق آهي حڪومت انهن کي صاف ۽ صحتمنداڻو ماحول فراهم ڪري، آئين جي تحت وفاق وٽ ايگزيڪٽو اختيار آهن، آئين جي تحت صوبا وفاق جي فيصلن تي عملدرآمد جا پابند آهن، صوبا وفاقي اختيارن جو احترام ڪندي عملدرآمد يقيني بڻائن. اين ڊي ايم اي وفاق ۽ صوبائي حڪومتون، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ڪورونا ورئس جي خلاف ڪوششن بابت اڳڀرائي رپورٽ ڏئي. عدالت عظميٰ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته اين ڊي ايم اي ڪورونا ۽ ماڪڙ سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، عدالت چيئرمين اين ڊي ايم اي ڪورونا ۽ ماڪڙ جي خلا ف ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهي.