اسلام آباد/لاهور/ڪراچي: ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 2 مهينن کان پوءِ مسافر ٽرينون ٻيهر شروع ڪيون ويون آهن.
تفصيل موجب حڪومت طرفان گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پهرين مرحلي ۾ چئني صوبن مان 30 ٽرينون هلائڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، جنهن مان 15 اپ ۽ 15 ڊائون ٽرينون هلنديون. انهن ٽرينن مان 9 ڪراچي کان پنهنجي منزل ڏانهن روانيون ٿي رهيون آهن. مسافر ٽرين سروس جو باقاعده آغاز صبح 6 وڳي راولپنڊي کان ڪراچي جي لاءِ روانو ٿيندڙ پاڪستان ايڪسپريس سان ٿيو جڏهن ته ٻي ٽرين لاهور کان راولپنڊي جي لاءِ رواني ٿي.
پاڪستان ريلوي موجب ڪراچي مان راولپنڊي جي لاءِ پاڪستان ايڪپريس منجهند 1 وڳي، سيالڪوٽ جي لاءِ علامه اقبال ايڪسپريس منجهند 2 وڳي، لاهور جي لاءِ قراقرم ايڪسپريس منجهند 3 وڳي، لاهور جي لاءِ پاڪ بزنس شام 4 وڳي، لالا موسيٰ جي لاءِ ملت ايڪسپريس شام 5 وڳي، لاهور جي لاءِ شاهه حسين ايڪسپريس شام 7 وڳي، اسلام آباد جي لاءِ گرين لائن رات 9 وڳي، جيڪب آباد جي لاءِ سکر ايڪسپريس رات 9 وڳي 40 منٽ ۽ پشاور جي لاءِ خيبر ميل رات 11 وڳي رواني ٿيندي.
هوڏانهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ٽرينن جي اچ وڃ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ٽرين آپريشن بحال ٿيڻ کانپوءِ اسٽيشن تي پهرين ٽرين عوامي ايڪسپريس پهتي.
پهرين ٽرين حيدرآباد کان پشاور 43 مسافرن کي کڻي رواني ٿي. اهڙي طرح رات دير تائين حيدرآباد مان مختلف شهرن ڏانهن 11 ٽرينون هلنديون. جڏهن ته ڪورونا بابت جاري ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويو.
ريلوي اسٽيشن جي مختلف پاسن کي ڪنڊيدار تارن سان بند ڪيو ويو آهي ۽ رڳو ٽڪيٽ رکندڙ ماڻهن کي اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني پئي وئي. مسافرن جي داخلا واري هنڌ ڊس انفيڪٽيڊ گيٽ لڳايو ويو آهي ۽ مسافرن جا هٿ هينڊ سينيٽائيزر سان صاف ڪرايا پئي ويا. ان سلسلي ۾ اسٽيشن سپرنٽينڊنٽ محمد رمضان جو چوڻ آهي ته ڪورونا بابت جاري ڪيل ايس او پيز تي سخي سان عمل ڪرائي رهيا آهيون.