سڪرنڊ(راج ڪماراوڏ) ڳوٺ صوبدار حاجاڻو جو رھواسي 15 ورھين جو نوجوان منظور حاجاڻو ڪروناوائرس سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت مريض نوجوان گردن جو مريض ھو ۽ ڊائلاسز تي ھو جيڪو ڪجھ ڏينھن پھرين SIUT اسپتال ۾ داخل ھو اتي اسپتال انتظاميا پاران ڪروناوائرس جي ٽيسٽ ڪرڻ بعد رپورٽ پازيٽو اچڻ تي کيس داخل ڪيو ھو جتي ھو اڄ فوت ٿي ويو جنھن جو لاش ايس او پيز تحت سندس اباڻي ڳوٺ صوبدار حاجاڻو جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو آھي تدفين وقت صحت کاتي جي ٽيم سميت پوليس وڏي تعداد ۾ موجود ھئي ۽ ڪنھن کي به ويجھو وڃڻ نه ڏنو ويو جڏھن ته ساڻس گڏ ماڻھن جا ٽيسٽ لا۽ سيمپل پڻ ورتا ويا آھن رپورٽ اچڻ تائين انھن کي گھر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آھي.